اسلام آباد-04 جون (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهر واري وچ ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پاڪستاني انبن جي به تعريف ڪئي وئي. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهر واري وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪيھ جي صدر کي ٻڌايو ته هو هاڻي واپس روانو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيھ جي عوام کان به وڌيڪ توهان جو چونڊجن تي خوش آهي. وزيراعظم شهباز شريف حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت تي صدر اردوان جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي دعوت ??يڻ جي مهرباني جو توهان پنهنجي خوشين ۾ اسان کي شريڪ ڪيو. وزيراعظم صدر اردوان کي ٻڌايو ته اسان توهان سڀني خاندان وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته هو صدر اردوان لاءِ انبن جو تحفو کڻي آيو آهي، جنهن مان اڌ پنهن??ي ڀاءُ ۽ اڌ پنهن??ي ڀيڻ لاءِ آهن. وزيراعظم جي ڳالهه تي صدر اردوان ۽ ان جي گهر واري ڏاڍو خوش ٿيا مس??را??يندي ٿورو مڃيو ۽ مس??را??يندي جواب ڏنو ته کين علم آهي ته پاڪستان جا انب تمام گهڻا لذيذ ۽ مٺا ??ين??ا آهن، بيگم اردوان به وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. صدر اردوان تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار تي وزيراعظم شهباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته توهان جي مهرباني جو دعوت ۾ شريڪ ٿيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف، ترڪيھ جي صدر ۽ ان جي گهر واري وچ ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون، پاڪستاني انبن جي تعريف
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil