مظفر آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ قانونساز اسيمبلي ميمبر چوڌري ??اس?? مجيد پاران آجيا??و ڏنو ويو. آجياڻي ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان، پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري ياسين، (ن) ليگ جي صدر شاهه غلام قادر ۽ مخالف ڌر ??ڳو??ڻ چوڌري لطيف اڪبر، سينيئر موسٽ وزير ڪرنل (ر) وقار احمد نور، وزير حڪومت فيصل ممتاز راٺور، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قانونساز اسيمبلي ميمبرن کانسواءِ مسلم ليگ (ن) ۽ فارورڊ بلاڪ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سميت قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن والاريل واديءَ ۾ جي – 20 اجلاس تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مڪمل اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا