ڪراچي – 08 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمي?? ۽ ??رڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري چيو آهي ته هر شعبي ۾ عورتن جي ب??اب?? ۽ ڀرپور حصيداري کانسواءِ پاڪستان کي کي امن، خوشحالي ۽ ترقي پسند سوچ جو گهوارو بڻائڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي چيئرمين عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته تعليم ۽ تربيت ۽ پيشيواراڻي سيڪٽرز سان گڏوگڏ سياست ۽ اعليٰ پاليسي ساز ادارن تائين هر شعبي ۾ عروتن جي شموليت ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم يافته ۽ خوداعتماد عورتون پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. چيئرمين بلاول ??ٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي عورتن جي قدر ۽ اهميت جي حوالي سان منفرد تاريخ رکي ٿي ته هن پاڪستاني عورتن کي مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم سان گڏوگڏ پهريون عورت اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پرڏيهي وزير جهڙا اعزاز حاصل ڪرڻ جو بنياد فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي مختصر حڪومت جي دورن جي دوران عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي ب??اب??ي جي لاءِ ٺوس قدم کنيا، فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اسٽيشنز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پ??وگ??ام جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ڪئي هئي. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي سهيد چيئرپرسن جي مشن کي اڳتي وڌائيندي بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام، يونين ڪائونسل جي سطح تي ڪاروبار جي لاءِ عورتن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي، بي زمين عورت آبادگارن کي زرعي زمين جا مالڪاڻا حق ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عورتن کي رهائشي پلاٽن جا مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ جهڙا ڪامياب پ??وگ??امز متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته عورتن بابت ڪميشن جو قيام، اينٽي وومين پريڪٽس ايڪٽ، اينٽي ايسڊ ڪرائيمز جو قانون، پروٽيڪشن آف وومين ايٽ ورڪ پليس، چائلڊ ميريجز ريسٽرينٽ ايڪٽ، سنڌ ميٽرنٽي بينيفيٽس ايڪٽ، سنڌ ايگريڪلچر وومين ورڪرز ايڪٽ، سنڌ هوم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ، سنڌ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ نيوٽريشن ايڪٽ، سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۽ گهٽ عمر ڇوڪرين جي شادي جي روڪٿام جي حوالي سان قانونسازي پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومتن جو شيوو آهي. چيئرمين بلاول ??ٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي اها واحد پارٽي آهي جيڪا حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪڏهن ذريعي ب??اب?? به مصلحت جو شڪار نه ٿي. هن چيو ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته پاڪستاني عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ب??اب??ي حاصل هجي ۽ اسان ان خواب کي پورو ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.
هر شعبي ۾ عورتن جي برابر ۽ ڀرپور حصيداري کانسواءِ پاڪستان کي کي امن، خوشحالي ۽ ترقي پسند سوچ جو گهوارو بڻائڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق