اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي اي?? اي) پاران شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي کيپ خصوصي جهاز ذريعي دمشق رواني ڪئي وئي آه??. امدادي سامان ۾ خيما ۽ ڪمبل شامل آه??. امدادي اڏام اربع ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ کان دمشق لاءِ رواني ٿي. وفا??ي وزير راڻا تنوير، اين ڊي اي?? اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ شام جو سفير به ايئرپورٽ تي موجود هو. زلزلي سان شامي متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان جلد موڪليو ويندو. پاڪستان پاران مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ شام کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آه??. امدادي سامان شام ۾ مقرر پاڪستان جو سفير شاهد علي وصول ڪندو. ان کانسواءِ وڌيڪ امدادي سامان رستي وسيلي شام ۽ ترڪيءَ جي لاءِ جلد روانو ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا