اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير م??اق??ت ڪئي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ۽ قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي آرمي چيف بڻجڻ تي قوم خوش آهي، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ اعتماد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته توهان جهڙي قابل آفيسر جي قيادت اداري جي پيشيواراڻي ترقي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم من??ر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جنرل سيد عاصم منير جي وزيراعظم اها پهرين م??اق??ت هئي.
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha