اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سربيا جي وچ م ٻطرفي وا??اري ڪاٿي ۾ وڌيڪ اضافو ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ند?? چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعت ۽ وا??ار، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا ڪيترائي موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سربيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير علي حيدر الطاف سان ڳالهائ??ند?? ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ وا??اري ۽ اقتصادي تعاون جي امڪانن مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??اري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نامزد سفير ڪاروباري ۽ وا??اري رابطا قائم ??رڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جو سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دورن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري جڏهن ته اعليٰ فني تعليم، آءِ ٽي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ صنعت ۽ وا??ار، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعان جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، اسلام آباد ۾ سربيا جو مشن کلڻ سان ڪاروبار ۽ عوامي رابطن ۾ آساني ٿ??ند??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي علي حيدر الطاف کي سربيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ به??ر بڻائڻ لاءِ پاڪستاني مشن جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪندو.
پاڪستان ۽ سربيا جي وچ م ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ وڌيڪ اضافي ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بونانزا