صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبتپور ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي و??يراعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن ک?? ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊ?? اسڪول جو قيام ٻن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم ٻارن کي چيو ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي و??ير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ نئين اسڪول ۾ ايندو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن ??و پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ان موقعي تي و??يراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صحبت پور ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز