نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب ??ور تي متاثر ٿيون آهن، عالمي ا??ن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص طور تي موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عو??ت اڳواڻن جي آوا?? جي وڏي ا??ميت آهي، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حاملا عورتن جي صحت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ ”فيمنسٽ فارن پاليسي“ جي موضوع تي هڪ تقريب کي خطاب ۾ڪيو. تقريب جو انعقاد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فيمنسٽ فارن پاليسي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ عو??ت اڳواڻن جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته عورتون تڪ??ارن ۽ بحران سان غيرمتناسب ??ور تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن کي اصولن سان سچي وابستگي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جرمني جي ا??تمام هيٺ ان تقريب ۾ عورت وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهن.
عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب طور تي متاثر ٿيون آهن: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : راکی