اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي ??عزيت جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو. هن برطانوي هاءِ ڪميشن ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان جي عوام پاران شاهي خاندان ۽ برطانيا جي ماڻهن ??ان ڏکويل دل ??ان ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي ??لي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو، ان جو لاڏاڻو 7 ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ دور جي خاتمي جي علامت آهي. هن چيو ته ملڪه برطانيا برطانوي عوام ۽ دولت مشترڪه جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجا?? ڏنيون، ملڪه برطانيا جي زندگي عوامي خدمت جي لاءِ وقف هئي، هن پنهنجا فرض وقار ??ان ادا ڪيا. صدر چيو ته آئون 12 سال جي ٻار جي حيثيت ??ان ان جي پاڪستان جي دوري کي سدائين ياد رکندس، ملڪه ايلزبيٿ ٻه شائستگي، توازن ۽ وقار جي علامت هئي. بعد ۾ صدر بطانوي هاءِ ڪمشنر ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آنجهاني ملڪه بي مثال وقار ۽ شائستگي رکندڙ عورت هئي، آنجهاني ملڪه جي خيراتي ??دارن جي سرپرستي، دنيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون غيرمعمولي هيون. برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر چيو ته آنجهاني ملڪه پنهنجي دل ۾ پاڪستان جي لاءِ هڪ خاص مقام رکندي هئي، ملڪه ايلزبيٿ ٻه پنهنجي آخري پيغام ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن ??ان يڪجهتي ??و اظهار ڪيو هو.
صدر پاران ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania