جده – پهرين مئي (اي پي پي) پا??ستان ۽ سعودي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي، سعودي عرب پا??ستان ۽ ان جي معيشت جي بهتري لاءِ مسلسل حمايت جاري رکندو، سعودي عرب مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ توسيع ۽ ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ ۽ معاشي ڍانچي جي سڌارن ۾ مدد ڪندو، ٻنهي ملڪن خ??ي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پا??ستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن مسئلن جي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن روس ۽ يوڪرائن جي تڪرار جي سياسي حل ۽ بحران جي خاتمي جي اميد ظاهر ڪندي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب يمن بحران جي ٺوس سياسي حل جي ??دم??، فلسطين جي مسئلي جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن ??دم?? موجب ٺوس ۽ منصفاڻي حل، شام ۾ علائقائي مداخلت کي محدود ڪرڻ ۽ افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن جي لاءِ محفوظ پناهه طور استعمال کان بچاءُ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه پا??ستان جي وچ ۾ قائم ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي ڏس ۾ 28 کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي عرب جو دورو ڪيو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جده ۾ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ٻنهي ط??فن ۾ باضابطا سرڪاري ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم تاريخي لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو. ٻط??فن لاڳاپن جي ڏس ۾ ٻنهي ط??فن سعودي پا??ستاني سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ذريعي معاملن کي مضبوط بڻائڻ، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپاري مٽاسٽا کي متنوع بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي حقيقي ۽ عملي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ان عزم کي ورجايو ته هو پا??ستان ۽ ان جي معيشت جي مسلسل حمايت جاري رکندو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب آمريڪي ڊالر جي مدي ۾ توسيع جي ذريعي ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ، پا??ستان ۽ ان جي عوام جي مفاد ۾ معاشي ڍانچي جي سڌارن جي لاءِ مدد جاري رکڻ شامل هو. پا??ستان ڀرپور مدد ۽ حمايت جاري رکڻ تي سعودي عرب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي طرفان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاراڻي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حصيدارين ۾ اضافي ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ گڏجي سيڙپڪاري ڪرڻ جا امڪان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول تيار ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي بصيرت جي روشني ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد ۾ صنعت ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ٻنهي ط??فن کان سيڙپڪاري فورمز منعقد ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ڪاروباري شعبي ۾ دستياب امڪان سامهون آڻي سگهجن، انهن تي زر ڏنو وڃي ته سيڙپڪاري جي مختلف شعبن ۾ انويسٽمينٽ پارٽنرشپ ڪن، سعودي پا??ستاني بزنس ڪائونسل جي اجلاسن جي ذريعي گڏجي ڪم ڪن ته جيئن انهن مشڪلاتن کي ختم ڪيو وڃي جيڪي سيڙپڪارن کي درپيش ??چن ٿيون. ٻنهي ط??فن کان آجيان ڪئي وئي ته ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار خوراڪ ۽ زراعت جي صنعتن ۾ گڏجي حصيداريون ڪري رهيا آهن. ٻنهي ط??فن کان سعودي عرب جي ويزن 2030ع تحت اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پروگرامز جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دستياب امڪانن بابت تعاون ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ناليوارن پا??ستاني ماهرن جي تجربي ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشتن کي گڏيل طور تي فائدو پهچي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ، افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن پاران محفوظ پناهه طور تي استعمال ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ڌرين افغانستان تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي فيصلن تي اڳڀرائي جاري رکڻ ۽ انهن تي عملدرآمد سان اتفاق ڪيو ته جيئن افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي ۽ ان ڏس ۾ حمايت جاري رهي. دوري جي پڄاڻي تي وزيراعظم پا??ستان خ??دم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ ڊپٽي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کانسواءِ سعودي عرب جي حڪومت جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي گرمجوشي ۽ فراخدلاڻي ميزباني تي ٿورا مڃيا. ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم پا??ستان ۽ ڀائر ملڪ پا??ستان جي عوام جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي پرجوش جذبن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي: گڏيل پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا