اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ڪ??مي?? ميڊيا سروس موجب شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بطور ميمبر پاڪستان اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي او آءِ سي تي زور ڏنو ته مسلمان ام?? کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مسلمانن جو گڏيل آواز آهي. اها مسلمان ملڪن ۽ عالمي برادري ??ي وچ ۾ هڪ پل آهي. مسلمان ام?? جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مرڪزي ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته او آءِ سي اجلاس جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جو بنيادي هدف مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هوندو. فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمُون ۽ ڪ??مي?? جا مسلمان هينئر به غلامي جو شڪار آهن. هن چيو ته اسان کي قراردادن کي اختيار ڪرڻ کان اڳتي وڌي انهن تڪرارن جي مستقل حل جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.
پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز