اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي فڪر آهي ته افغانستان ?? انساني بحران کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي، آسٽريا چانسلر ڪارل ني همر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي ۽ ان جي دوري جا منتظر آهيون. آسٽريا جي چانسلر پاران وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ سٺي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان ڪيل ٽوئيٽ جي جواب ۾ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون آسٽريا جي چانسلر کي پاڪستان گهرايو آهي ۽ سندس دوري تي سندس شاندار آجيان جو انتظار آهي. هن چيو ته سڀ کان اڳ اسان کي اهو فڪر آهي ته افغانستان ?? انساني بحران کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان اترين علائقن جي سياحت جي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون ۽ پاڪ – آسٽريا فاخوشولي (آءِ اي ايس ٽي) جي طرز تي ٽيڪنالاجي جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ ج?? خواهشمند آهيون.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا