اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف رو??ني?? (ايف بي ??ر) پاران 82 سالا ٽيڪس ڏيندڙ سان اڻوڻندڙ سلوڪ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اي?? بي ??ر چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو غيرذميواري ۽ بدعنواني جي پوري نظام جو جائزو وٺي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري. اي??ان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب صدر بزرگ شهري جي خلاف اي?? بي ??ر جي فيصلي تي ڇوٽ ورتي جنهن ان کي غيرضروري بنيادن تي 2333 رپين جي معمولي رقم واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل غيرضروري قانوني چاره جوئي ۾ گهيليو. بزرگ شهري عبدالحميد خان سان معذرت ڪندي صدر چيو ته اي?? بي ??ر پاران کيس پهچندڙ تڪليف تي اسان جا ڪنڌ شرم سان جهڪڻ گهرجن. عبدالحميد خان (شڪايت ڪندڙ) هڪ بزرگ شهري آهي، جنهن جي عمر 82 سال آهي، هن پي ٽي سي اي?? ۽ موبائيل فون تي وصول ڪيل ايڊوانسڊ ٽيڪس واپسي جي مد ۾ سال 2020ع جي پنهنجي انڪم ٽيڪس ريٽرن تي 2333 رپين جو ريفنڊ جمع ڪرايو هو. شڪايت ڪندڙ 19 آڪٽوبر 2020ع تي ريفنڊ جي درخواست اي فائيل ڪئي جنهن کانپوءِ 24 ڊسمبر 2020ع تي اي?? بي ??ر چيئرمين کي به ياد ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڏني وئي. اي?? بي ??ر جي يونٽ آفيسر 29 جنوري 2021ع تي ان جي ريفنڊ جي دعويٰ کي ان بنياد تي رد ڪري ڇڏيو ته درخواست ڏيندڙ تصديق ڪيل گهربل اصل سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو. شڪايت ڪندڙ ٻيهر پنهنجي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ معاملو وفاقي ٽيڪس محتسب وٽ اٿاريو. اي?? ٽي او معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ 02 جون 2021ع تي اي?? بي ??ر کي حڪم ڏنو ته اها 19 جنوري تي غيرقانوني حڪم تي نظرثاني ڪري ۽ شڪايت ڪندڙ کي قانون موجب ٻڌڻي جو موقعو فراهم ڪرڻ کانپوءِ، آرڊيننس جي سيڪشن 170 (4) تحت هڪ نئون حڪم جاري ڪري. هن حڪم ڏنو ته ان اهلڪار جي سڃاڻپ ۽ ان جي خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي جنهن قانون ۽ طريقيڪار جون ڌڄيون اڏائيندي غيرضروري حڪمنامو پاس ڪيو ۽ وڏي عمر جي ٽيڪس ڏيندڙ کي غيرضروري قانوني چاره جوئي سان گڏ 45 ڏينهن جي اندر تعميل جي اطلاع ڏني. نتيجي طور اي?? بي ??ر 24 جون 2021ع تي اي?? ٽي او جي اصل حڪم جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي?? بي ??ر جي درخواست رد ڪندي چيو ته شڪايت ڪندڙ اعتراف سان گڏ ايڊوانس ٽيڪس جون ڪاپيون پيش ڪيون آهن جيڪي لاڳاپيل عملدار جي ذريعي جمع ڪيل سرٽيفڪيٽس موجب آهن. جيڪڏهن يونٽ آفيسر سرٽيفڪيٽس جي ڪاپين مان مطمئن نه هو ته هو نه رڳو پي ٽي سي اي?? ۽ سيل فون ڪمپنين کان تصديق ڪرائي سگهيو پئي پر آن لائين سسٽم ذريعي به تصديق ممڪن هئي. هن چيو ته ڊيوٽي آفيسر جي ذميواري آهي ته جيڪڏهن اها سسٽم ۾ ظاهر نه ٿي رهي هئي ته هو ڪٽوتي ڪندڙ عملدار کان ٽيڪس جي ڪٽوتي جي تصديق ڪرائي ها، قطعي نظر ان جي سرٽيفڪيٽس اصلي يا ڪاپيون آهن. صدر آن لائين سسٽم جي ذريعي پي ٽي سي اي?? ۽ سيل فون ڪمپني کان بلن جي تصديق ڪرڻ ۾ آفيسر جي ناڪامي کي غيرذميواري ۽ بدانتظامي جو عمل قرار ڏنو. هن چيو ته آفيسر جو اهو فعل اي?? بي ??ر جي قانون، طريقيڪار ۽ هدايتن جو مذاق اڏائڻ آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته وڏي عمر جي پينشنر جي تذليل جي لاءِ ڪيس ۾ غيرقانوني سلوڪ ڪيو ويو. اي?? بي ??ر جي درخواست کي رد ڪندي صدر عارف علوي چيو ته اهو بيوروڪريٽڪ اٿارٽي جو انتهائي افسوس جوڳو ۽ شرمناڪ حربو آهي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته اي?? بي ??ر جي اهلڪار پنهنجي کات??، ٽيڪس محتسب ۽ صدر پاڪستان جو وقت ضايع ڪيو. رڳو 2333 رپين جو اهو معاملو هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين لٽڪيل رهيو. هن ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته اي?? بي ??ر ۾ بيوروڪريٽس جي ڊگهي چين مان ڪنهن به ان معاملي تي غور فڪر نه ڪيو ته ان معاملي جي ناانصافي، گهٽ ظرفي ۽ ضرورت کان وڌيڪ دير جو نوٽيس ورتو وڃي. صدر چيو ته اسان جا ڪنڌ شرم سان جهُڪڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته هو سينيئر سٽيزن عبدالحميد خان سان اي?? بي ??ر جي ڪري ٿيندڙ تڪليف تي معذرتخواهه آهي. هن هدايت ڪئي ته ان معاملي ۾ فيصلاسازن جي پوري چين جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ اي?? بي ??ر چيئرمين کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ذميوارن خاص طور تي ۽ ٻين بالعموم، انهن کي ترجيحون ۽ شائستگي سيکارڻ جي لاءِ ڪورسز مان گذرڻ گهرجي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر پاران انتظامي ناانصافي تي وڏي عمر جي شهري کان معذرت ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج