اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو. گڏيل عرب امارات جي انصاف و??ري وزير عبدالله بن سلطان بن عواد النعيمي ۽ پاڪستاني سفير افضال محمود ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب پنهنجي دوري دوران ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي اعليٰ قيادت سان به ملاقات ڪندو ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پويلين جو پڻ دورو ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دبئي ۾ روشن پنهنجو گهر پروگرام جي رونمائي و??ري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو ??ي اي جي دوري جي موقعي تي صدر دبئي ۾ ڪاروب??ري شخصيتن ۽ مختلف ڪمپنين جي سي اي اوز سان پڻ ملاقات ڪندو. ان دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن واپ??ري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔