ا??لا?? آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان کي انساني ۽ معاشي ام??اد جي سخت ضرورت آهي، ڊگهي جنگ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ان جي ماڻهن کي معاشي ۽ انساني ام??اد جاري رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گر??نڊ?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي صد?? چيو ته پاڪستان افغانستان جي امن ۽ نئين سر تعمير جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن گذريل چئن ڏهاڪن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغان پناهگيرن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن تائين پهچ سان گڏوگڏ کين بئنڪ اڪائونٽ کولن ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چيو ته دنيا کي افغانستان ۾ امن جي فروغ ۽ گذريل 40 سالن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي، صد?? فلپو گرائنڊي کي افغانستان جي ماڻهن لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل تازي انساني ام??اد ۽ طبي رسد جي باري ۾ آگاهه ڪيو.هن افغانستان مان عالمي ادارن ۽ سفارتي مشنن جي ميمبرن جي واپسي ۾ پاڪستان جي ڪوششن تي به روشني وڌي، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۽ افغانستان ۾ انساني ام??اد موڪلڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.
افغانستان کي انساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : راکی