ابوجا- 19 فيبروري (اي پي پي) نائيجيريا جي ڏکڻ او??ر واري ايبوني رياست ۾ هلندڙ سال دوران لاسا بخار سبب 10 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. شنهوا مطابق ايبوني رياست جي صحت واري وزارت ٻڌايو آهي ته ان بيماري سبب حڪومت ۽ لاڳاپيل شراڪتدارن طرفان انتهائي موزي بيماري جي روڪٿام لاءِ فوري طور گڏيل سهڪار جي ڪوششن کي هٿي ملي رهي آهي. هن چيو ته فوت ٿي ويلن ۾ هڪ ڳورهاري عورت ۽ 02 ٻار به شا??ل آهن جڏهن ته ان بيماري سبب 25 ڄڻا متاثر ٿي چڪا آهن جن ۾ صحت ک??تي جا 02 عملدار به شا??ل آهن. چمڙي جي ماهر ڊاڪٽرن عوام کي صلاح ڏني آهي ته متاثر مريض کي هٿ لڳائڻ ۽ ڪوئن کان پاسو ڪيو وڃي. لاسا بخار هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا انسان ۾ خور??ڪ يا گهريلو شين مان پکڙبي آهي جيڪا ڪوئن جي پيشاب يا انهن جي پاخاني مان گدلي ٿيل هوندي آهي.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں