نيويارڪ-18 جنوري (اي پي پي)آمريڪي مئگزين ??وربز دنيا جي طاقتور ترين 10 ڪرنسين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، پنهنجي تازي رينڪنگ ۾ آمريڪي ڊالر کي 10 هون نم??ر ڏنو ويو. فوربز لکيو آهي ته گڏيل قومن ۾ 180 ڪرنسين کي قانوني حيثيت حاصل آهي پر ڪنهن به ڪرنسي جي مقبوليت يا ان جو وڌيڪ استعمال ان جي مستحڪم هجڻ جي علامت ناهي، مئگزين جي 10 جنوري تي جاري ڪيل رينڪنگ ۾ ڪويتي دينار طاقتور هجڻ جي اعتبار سان پهرين ??مبر تي آهي جنهن جي ماليت 3.25 ڊالر جي برابر آهي. ٻيو نم??ر بحريني دينار جو آهي جنهن ماليت 2.65 ڊالر آهي، عماني ريال 2.60 ڊالر سان ٽئين ??مبر تي، اردني دينار 1.41 ڊالر سان چوٿين ??مبر تي، جبرالٽر ۽ برطانوي پائونڊ 1.27 ڊالر سان پنجين ??مبر ۽ ڇهين ??مبر تي آهن، ستون نم??ر ڪيمين آئي لينڊ ڊالر آهي جنهن جي ماليت 1.20 ڊالر آهي، سوئٽزرلينڊ جو فرانڪ 1.17 ڊالر ماليت سان اٺين ??مبر تي جڏهن ته يورو 1.9 ڊالر ماليت سان نائين ??مبر تي آهي، ان کانپوءِ آمريڪي ڊالر جو نم??ر آهي، آمريڪي ڊالر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ۽ اڪثر بنيادي ريزور ڪرنسي ڳڻتي ويندي آهي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي طاقتور هجڻ جي اعتبار سان هي ڪيترين ئي ڪرنسين کان هيٺ آهي.
آمريڪي مئگزين فوربز پاران دنيا جي طاقتور ترين 10 ڪرنسين جي لسٽ جاري، ڪويتي دينار پهرين جڏهن ته آمريڪي ڊالر آخري نمبر تي برقرار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ