گڏيل قومون – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائيل جي حملن جي نتيجي ۾ غزه ۾ معصوم ٻار هڪ بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن مطابق غزه م تباهه ڪن صورتحال آهي ۽ اهڙي صورت ۾ معصوم ٻارن کي پيئڻ لاء?? کارو پاڻي ملي رهيو آهي. يونيسيف چيو آهي، ته غزه پٽي تي ??اڻي ??ي کوٽ غيرمعمولي حد تائين پهچي وئي آهي. تنظيم جو چوڻ آهي ته معصوم ٻار کارو پاڻي پيئڻ تي ??جبور آهن. يونيسيف جي ترجمان ٽوبي فريڪر چيو آهي، ته امداد غمه جي پٽي ۾ داخل ته ٿي رهي آهي پر اها سڀ کان هيٺين سطح تي آهي ۽ جيڪڏهن زميني صورتحال کي ڏسجي ته وڌيڪ امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته فوري جنگ بندي جي پڻ ضرورت آهي، روز ٻار فوت ٿي رهيا آهن، اسان کي اهڙي قتل ع??م کي روڪڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔