اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو نومبر 2024ع ۾ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 729 ملين آمريڪي ڊالرز تي پهچي وڃڻ ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي، م??ان??ائي ۽ نا??ي واڌ ۾ ترتيبوار گهٽتائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ اضافو حڪومت جي مثبت معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رڪارڊ اضافي سان پاڪستان جي ع??لم?? معاشي مارڪيٽ ۾ پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس سان پاڪستاني معيشت ملڪي ۽ ع??لم?? سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نا??ي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نا??ي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم پاران رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری