اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون خاص ط??ر تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سان پاڪستان ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيندڙ سفير تاپاس اڌيڪاري الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيپالي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون خاص ط??ر تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير اڌيڪاري جي ڪوششن کي سار??هي??دي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس ڪردار کي سار??هي??. سفير اڌيڪاري وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي کي سار??هي?? ۽ پاڪستان ۾ سفارتي عرصي ۾ سندس پاران ڏني ويندڙ حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا جي عوام جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان نيپال سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات