اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي پنهنجي ذميواري نڀائي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لا??ِ آزاد فسلطيني رياست جو قيام ضروري آهي، پاڪستان خطي جي ترقي لا??ِ پنهنجو ڪ??دا?? ادا ڪندو رهندو. اربع ڏينهن شنگهائي تعاو?? تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي ??طاب ڪندي وزيراعظم ايس سي او اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان موقعي تي اسان غزه ۾ هاڻوڪي جاري نسل ڪشي کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. عالمي برادري کي ??ربريت روڪڻ لا??ِ قدم کڻڻا پوندا. غزه ۾ جارحيت هڪ الميو آهي، اتي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لا??ِ آزاد فلسطيني رياست جو قيام اڻٽر آهي جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي بنياد تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي. وزيراعظم چيو ته ڪائونسل جو 23 هون اجلاس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو آهي جنهن ۾ ميمبر ملڪن پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهتر ۽ پائيدار مستقبل لا??ِ گڏيل عزم کي ??جاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدن کي ??اصل ڪرڻ لا??ِ پاڪستان طرفان مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي ??ياسي اختلافن ۽ ويڇي کي هڪ پاسي رکندي گڏيل چئلينجن کي ??ل ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏئي پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد، ترقي ۽ استحڪام لا??ِ ڪ??دا?? ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي وزيراعظم روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن کي ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان طرفان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرايون ٿا . وزيراعظم شنگهائي تعاو?? تنظيم جو اجلاس ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ تي انتظاميه کي مبارڪون ڏنيون.
عالمي برادري غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جون پنهنجون ذميواريون نڀائي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ آزاد فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا