اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو ??عاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعين جي موقعي تي ٽريول ايجنٽن بدران عراقي سفارتخاني طرفان پاڻ زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ، اربعين جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خ??وص?? اڏامن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو ??زارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويندا، زائرين جي وڌيڪ سهولتن لاءِ ڪراچي ۾ عراقي قونصليٽ کي ٻيهر اوپن ڪرڻ لاءِ اڄ ئي سمورا معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو ??زير محسن نقوي چيو ته گهرو ??زارت ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ لاءِ گهرو ??زير پنهنجي عراقي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عراق ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو ??زير محسن نقوي چيو ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي ويزا جي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو ??زير محسن نقوي زائرين جي سهولت لاءِ قدمن تي عراقي گهرو ??زير ۽ عراقي سفير جو ٿورو ??ڃيو. گهرو ??زير چيو ته هوائي سفر ذريعي عراق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ملندي. عراقي سفير چيو ته پاڪستاني زائرين کي ٻين ملڪن جي برابر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. عراقي سفير عراق جي گهرو ??زير طرفان گهرو ??زير محسن نقوي کي عراق جي دوري جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير محسن نقوي فوري طور تي ايوي ايشن واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عراقي ايئر لائين کي اڄ کان ئي خ??وص?? اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عراقي ايئر لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خ??وص?? اڏمون هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خ??وص?? اڏامون عراق لاءِ هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena