اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آج??ان ڪندي چيو آهي ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو اعتراف آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مالياتي ٽيم جي محنت ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م چيو ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو عالمي اعتراف آهي. وزي??اع??م چيو ته معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ان جا ثمر عوام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين، فچ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون رپورٽون پاڪستان جي معاشي بهتري جي حوالي سان اهم آهن. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جي معاشي بهتري جي رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان اڳتي وڌنداسين، اميد آه?? آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام سان پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزي??اع??م چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان پڻ معاشي بهتري جي هڪ ٻي جهلڪ آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
وزيراعظم پاران عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش