اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي پاڪستان سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آهي. اسلامي ت??قياتي بئنڪ جاري مختلف منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي صدر ڊ??ڪٽ?? محمد سليمان ال??اسر سان ملاقات دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ملاقات ۾ اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اسلامي ت??قياتي بئنڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اسلامي ت??قياتي بئنڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي معاونت کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ڊ??ڪٽ?? ال??اسر جي ذاتي سهڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي ت??ليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسلامي ت??قياتي بئنڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پوري طرح سان فعال آهي. اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اسلامي ت??قياتي بئنڪ جو انتهائي اهم باني ميمبر آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪستان جي وڏي افرادي قوت مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.
اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان جي سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مددگار آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ