اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي، علائقائي اخبارن کي درپيش مسئل?? ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سردار شوڪت محمود جي قيادت ۾ ربجا جي وفد سان ملاقات دور??ن ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش مسئلن ک??ن آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلن ک??ن چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ اهي مسئل?? ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ مرتضيٰ ملڪ، آسيه خٽڪ، فياض چوڌري، ملڪ آصف، وقار چوڌري، ارشد يوسفزئي، بلال عظ??ي ۽ ٻيا شامل هئا.
اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي: پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد