اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي ش??يد مذمت ڪندي معصوم فلسطينين تي بمباري فو??ي طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي ش??يد مذمت ڪري ٿو جتي معصوم فلسطينين تي زمين تنگ ڪئي پئي وڃي. ترجمان غزه ۾ شهري آبادي جي خلاف اسرائيلي عملدارن پاران طاقت جي استعمال جي ش??يد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان کي اسرائيلي فو?? پاران غيرانساني ناڪابندي ۽ گڏيل سزائن جي ڪري غزه ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ سنگين انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. هن چيو ته بجلي، ٻارڻ ۽ پاڻي جي سپلائي ڪاٽڻ جو فيصلو غيرمنصفاڻو آهي ۽ ان کي واپس وٺڻ گهرجي ڇو ته ان سان فلسطينين جي زندگين تي ش??يد اثر پوندو. ترجمان چيو ته اسرائيل کي غزه جي ماڻهن جي خلاف بمباري جي پنهنجي مهم کي فو??ي طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي قانون تح?? پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، ناڪابندي ختم ۽ فلسطيني عوام تائين انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان تازن مهينن ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز قدمن جي سنگين نتيجن جي خلاف مسلسل خبردار ڪندو رهيو آهي. ترجمان چيو ته صورتحال جي سنگيني عالمي برادري کان فو??ي مداخلت جو مطالبو ڪري ٿي، اسان گڏيل قومن تي زور ڏيون ٿا ته اها غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جنگبندي ۾ سهولتڪاري جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته عالمي برادري کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل رياست سان گڏ هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار رياستي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته اه??ي حل جي عدم موجودگي ۾ وچ اوڀر ۾ امن اڻلڀ رهندو.
پاڪستان پاران غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria