اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مران خان سدا??ين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪ??ي، هو سمجهي ٿو ته ڪير ان کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خان جي گرفتاري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مران خان تي ڪرپشن جا الزام هئا، ان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، اها گرفتاري نيب جي ۽ قانون موجب هئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??سان سياسي انتقام تي يقين ن?? ٿا رکون، عمران خان کي گرفتار يا خاموش ڪرڻو هجي ها ته ??سان 14 مهينا انتظار نه ڪ??يون ها. عمران خان جي نااهلي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??سان عمران خان کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ا??ين ڇو ڪندي؟ البته ??مران خان پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??دالتي حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهه ڪ??ي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.
عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ