اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي کي ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو هو، ان کي آڻيندڙن جو مقصد سڀني کي چور ڌاڙيل قرار ڏيارڻ هو، عمران نيازي کي 10 سالن تائين مڙهي رکڻ جو منصوبو هو، پي ٽي آءِ قيادت ملڪ کي تباهي جي ور چاڙهيو، عمران نيازي جي خلاف ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن عمران خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري، ٻٽي معيار سان انصاف جو جنازو نڪري ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان نيازي ڪوڙي پروپئگنڊه سان قوم کي ورڇ ڪيو ۽ هر جڳهه زهر پکيڙيو، عمران نيازي آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، اسان پاڪستان جي سفارتي محاذ تي ??نيا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا، حڪومت ورثي ۾ ملندڙ مسئلن ۽ چئلينجز تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، آئيني طريقي سان چونڊيل اسان جي حڪومت کي آمريڪي سازش قرار ڏنو ويو، عمران خان ۽ ان جا حواري بي شرمي س??ن ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اربين رپين جي ڪرپشن تي ڪنهن جواب نه گهريو بلڪه مالم جبه، بلين ٽري سون??مي ۽ بي آر ٽي جهڙن ڪرپشن جي ڪيسز ۾ انهن کي ڪلين چٽ ڏني وئي ۽ انهن ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما جي ڊر??مي ۽ اق??مي جي بي ڍنگي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي، هن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ عدالتن کي منهن ڏنو، آصف علي زرداري جي ڀيڻ کي چنڊ رات تي ??سپتال مان کڻي گرفتار ڪيو ويو، اڄ نيب جي غبن ۽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدليه عمران خان جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي جڏهن ته اسان جا ڪيس لٽڪايا ويندا هئا، سال سال تائين ضمانت جي درخواست نه ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه عدالت جي ريمارڪس تي ??يرت ٿي، ڪاش فريال ٽالپر، مريم نواز ۽ اسان کي به عدالتن ۾ ڏسي چيو وڃي ها ته توهان کي ڏسي تمام سٺو لڳو، عام ماڻهن جا ڪيس عدالتن ۾ سالن جا سال لٽڪيل رهن ٿا، اسان صبر سان سمورن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جو مقصد آءِ ايم ايف ڊيل کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي معاشي طور تي ??باهه ڪرڻ هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ سيڙپڪارن کي ڀڄائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي حساس ٺڪاڻن تي ??ملا ڪرايا، جيڪڏهن عمران خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري.
عمران نيازي کي ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو هو، کيس 10 سالن تائين مڙهي رکڻ جو منصوبو هو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha