اسلام آ??اد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ج??هن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪا??ل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي ڪا??روائي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستا?? ۽ ??فغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان ??ڪم?? يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزير علائقائي ام?? ۽ ??ستحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی