اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي، عمران خان رستا بند ڪري ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي ڪري اڄ اسڪولن ۽ اسپت??لن جا رستا بند آهن، عمران خان جيڪو پيسو رستا بند ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ تي خرچ ڪري رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي لڳائي چڏي ها، عمران نيازي جيڪو پيسو با??ه لڳائڻ ۾ لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي ۽ گرم ڪپڙن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته جيڪو پيسو ٽائر ساڙڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرن جي چلهي ٻارڻ ۾ لڳائي چڏي ها، عمران خان جيڪو پيسو اسڪول ۽ اسپتال بند ڪرائڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو ??نج??ب ۽ خيبرپختواهه ۾ اسڪول ۽ اسپت??لن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته عمران نيازي جو مقصد ملڪ ۾ انتشار، فساد ۽ فتنو پکيڙ?? آهي، هي اهو ڊهيٽ ۽ فسطائي ماڻهو آهي، جنهن ٻوڏ متاثرين جي امداد تي به سياست ڪئي، عمران نيازي چئن س??لن تائين عوام کي کاڌي پيتي، بجلي، گيس، دوا کسي ۽ روزگار بند ڪيو ۽ اڄ روڊ بند ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چار سال عوام جي دوا بند ڪرڻ وارو اڄ مريضن جو رستو بند ڪري رهيو آهي.
زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان