اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف عل??ي چيو آهي ته ڇ??تيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي ۽ ماڻهن کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي ته جلد تشخيص ۾ ئي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو علاج ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت ڪهاڻي جي اهتمام هيٺ ”آ??ون زندهه بچي سگهان ٿي“ جي موضوع تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇ??تيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي مدد لاءِ جوبلي انشورنس جي تعاون سان ڪينسر پروڊڪشن پروگرام ??رو?? ڪرڻ تي صحت ڪهاڻي کي س??راهيان ٿو، جنهن جي مدد سان مريضن تي پوندڙ مالياتي بار کي گهٽ ڪري سگهبو ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج تي جيڪو خرچ اچي ٿو، ان حوالي س??ن ماڻهن کي انشورنس فراهم ڪئي ويندي، ان پروگرام سان گڏ مفت اسڪريننگ جي سهولت به فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، ڇو ته بريسٽ ڪينسر جو علاج ڪافي مهانگو آهي ۽ هڪ عام ماڻهو پنهنجي طور تي ان جي علاج جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙن پروگرامن کي مستقبل ۾ وڌيڪ توسيع ڏني ويندي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب