بيجنگ – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ايئرپورٽ ت?? وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاق?? وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاق?? وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاق?? وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاق?? وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاق?? وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاق?? وزير سردار اسرار ترين، خاص معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان گڏ آهن. 11 اپريل 2022ع ت?? وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل ج?? وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ءيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ??لڪ?? ج?? وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ??لڪ?? جي قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارتنرشپ ??و جائزووٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. وزيراعظم جي دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي.
وزيراعظم چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو