اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان حبي?? بئنڪ لميٽيڊ جي چيئرمين ۽ آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر سلطان علي الانه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف به موجود هو. وزيراعظم آغا خان کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي لاءِ فراخدلاڻي تعاون تي خرا?? تحسين پيش ڪيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ترقي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ حبي?? بئنڪ لميٽِڊ ۽ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ٻين ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنس رحيم آغا خان وزيراعظم سان ٽيليفونڪ ??ابطو ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر عطيي جو اعلان ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار