اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان چين جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير وزيرا??ظم عمران خان کي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيرا??ظم لي ڪي چي??نگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. وزيرا??ظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پيغام تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم پاڪستان جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ڪ??ي. ??زيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيرا??ظم عمران خان چيو ته سي پيڪ تبديلي جو منصوبو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو منصوبو بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??زيرا??ظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيرا??ظم پاڪستان جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو افغان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن