اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي نا??يو?? ڪندا، نيوٽرل ايمپائر وسيلي کٽڻ وارو آهيان، اسان وڏي مشڪل وقت مان نڪري آيا آ??يو??، هاڻي بهترين وقت اچي رهيو آهي، مخالف اقتصادي واڌ جي شرح تي حيران آهن، صنعتي زونز جي قيام سان ملڪي روانگي اوپار ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ نه رڳو خيبرپختونخوا پر پاڪستان ل??ءِ به خوش آئنده ڏينهن آهي، صنعت سازي کانسو??ءِ دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه آهي، رشڪئي اڪنامڪ زون سي پيڪ جو حصو آهي، وزيراعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، مغرب جي صنعتي ترقي ??را??ي ڳالهه آهي، اسان کي چين جي صنعتي ترقي مان سکڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته زون جون زمينون وڪرو نه ڪيون وڃن پر ليز تي صنعتڪارن کي ڏنيون وڃن ته جيئن صنعتون قائم ٿين، بج??ءِ ان جي ته زمينن جو خريد ۽ وڪرو ٿئي ۽ ليز به گهٽ رکو ته جيئن صنعتڪار هتي صنعتون قائم ڪري سگهن، وزيراعظم چيو ته هتي اهڙيون صنعتون لڳنديون جنهن سان روانگي واپار وڌي. وزيراعظم چيو ته جيستائين اسان روانگي واپار نه وڌائينداسين ته دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه ٿيندو، رڳو اناج ۽ گ??ه وڪرو ڪري اسان ترقي نٿا ڪري سگهون، چين جهڙي طرح صنعت کي ترقي ڏني ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ اڪنامڪ زون ٺاهيا اسان کي به ٺاهڻا پوندا، بدقسمتي سان ماضي ۾ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ نه بڻايو ويو. رشڪئي اڪنامڪ زون جي قيام سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سيڙپڪارن جي ل??ءِ آسانيون پيدا ڪري، ون ونڊو آپريشن هجڻ گهرجي، حڪومت جو ڪم سيڙپڪارن جي ل??ءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته چين جون صنعتون هاڻي اهڙن ملڪن ۾ منتقل ٿي ر??يو?? آهن جتي لاڳت گهٽ ايندي آهي، اسان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان آڻڻ جا خواهشمند آ??يو??. اسان ٻاهرين ملڪ پنهنجي سيڙپڪارن کي به ترغيب ڏينداسين جيڪي بنگلاديش، دبئي، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فيڪٽريون لڳائيندا آهن ته هتي ڇو نٿا لڳائين.
آئون مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي ناهيون ڪندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر