اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم پنهنجي جلسن جي تسلسل تي اصرار ذريعي عوام ۽ ا??هن جو معاش ڄاڻي واڻي خطري ۾ وجهي ر??ي آهي، هي لکين جلسا ڪري وٺن پر ا??هن کي ڪو اين آر او نه ملندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا جي ٻي لهر جا انگ اکر ڳڻتي جوڳا آهن. گذريل 15 ڏي??هن وينٽيليٽرز جي محتاج مريضن جو انگ پشاور 200 سيڪڙو، ملتان 200 سيڪڙو، ڪراچي 148 سيڪڙو، لاهور 114 سيڪڙو ۽ اسلام آباد 65 سيڪڙو وڌي ويو آهي. اسلام آباد ۽ ملتان جا 70 سيڪڙو وينٽيليٽرز استعمال هيٺ آهن. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ٻي لهر جي وڪڙ ۾ آهي ۽ ڪيترائي ملڪ م??مل طور تي بندشون (لاڪ ڊائون) لاڳو ڪري چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس