اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي، ان کي صحيح رخ تي هلائي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، نوجوان نسل حضرت محمد صه جي تعليم تي عمل ڪندي هڪ سٺي مسلمان ۽ خوداحتسابي سان پنهنجو پا?? کي صحيح ڪري هن معاشري کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هو پا??ستان پازيٽو، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ستان (اي پي پي) جي حصيداري سان ٻن ڏينهن واري ينگ ليڊرز سمٽ دوران شرڪ?? ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سڄي ملڪ جي مختلف حصن مان شاگرد ۽ شاگرديا??ين شرڪت ڪئي. پازيٽو پا??ستان جي صدر عابد اقبال گهاري ٻن ڏينهن واري سمٽ جي افتتاح کانپوءِ تعارفي ويهڪ ۾ سمورن شرڪ?? ڪندڙن سان تعارف ڪرايو ۽ شرڪ?? ڪندڙن کي پازيٽو پا??ستان جي ويزن 2017ع بابت آگاهه ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ستان (اي پي پي) جي ايم ڊي مسعود ملڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ نئين نسل جي مثبت سوچ سڀ کان اهم تري?? ڪم آهي، ان جي لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پازيٽو پا??ستان جهڙين تنظيمن ۽ ??ين ڌرين کي پڻ ان نوعيت جي فورمن جي فراهمي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته پازيٽو پا??ستان اسان جي نوجوانن ۾ مثبت سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي.
اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي: مسعود ملڪ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی