اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) چين جي پاڪستان ۾ مقرر سفير سن وي ڊونگ چيو آ??ي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي، هي منصوبو پاڪستان جي ايشين ٽائيگر بڻجڻ جي خواب جي تعبير ثابت ٿيندو. هو پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي قومي خابرو اداري اي پي پي، پ??ڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي گڏيل انٽرويو ڏئي رهيو هو. هن چيو ته سي پيڪ جيڪو پاڪستان چين لاڳاپن جي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي ان تحت شمسي، ڪوئلي ۽ پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا ??لا??ٽس هنيا پيا وڃن جيڪي پاڪستان ۾ توانائي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مددگار ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ