رياض-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۽ ڀارت گڏيل فوجي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گادي واري هنڌ رياض ۾ منعقد دفاعي سهڪار ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي هٿيار بند فوج وچ ۾ تربيت ۽ تجربن، گڏيل فوجي مشقن ، دفاعي صنعتن ، تحقيق، ترقي ۽ ٻين شع??ن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو ته سمورن شع??ن ۾ تعلق کي اهڙي طرح ترقي ڏيڻ جو عمل جاري رکيو وڃي جيڪو ٻنهي ملڪن ۽ ان جي عوام جي گڏيل مفادن ۾ هجي. سعودي پارٽنر شپ ڪائونسل سعودي عرب جي ويزن 2030ع تحت ڀ??رت جي اهم قدمن ، ميڪ ان انڊيا، اسٽارٽ فرام انڊيا، ڪلين انڊيا ۽ ڊجيٽل انڊيا س??يت هم آهنگي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏني آهي. سعودي عرب ۽ ڀارت سمورن سي??سي ۽ اقتصادي سطح ۽ سيڪيو??ٽي ۽ دفاع جي شع??ن ۾ مضبوط تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار جو ورجاءُ ڪن ٿا.
سعودي عرب ۽ ڀارت وچ ۾ گڏيل فوجي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے