بغداد-27 ڊسمبر (اي پي پي) عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ٿيل بم جي ڌم??ڪي ۾ 2 ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح مارجي ويا آهن. چيني خابرو اداري عراقي فوج جي حوالي سان ٻڌايو ته عراقي سيڪيورٽي فورسز کي ٻن ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح جا لاش مليا آهن جيڪي اولهندي عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ڪيل بم جي ڌم??ڪي ۾ مارجي ويا هئا. هن ٻڌايو ته مارجي ويل سياح سياحتي ويزا حاصل ڪري عراق ۾ داخل ٿيا هئا ?? ٽنهي صوبن الانبار، صلاح الدين ۽ نينوي تائين پکڙيل وسيع ريگستان ۾ شڪار جي سفر دوران گم ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ عراقي سيڪيورٽي فورسز گم ٿيل سياحن جي ڳولا لاءِ ريگستان الانبار ۾ وڏي پئماني تي ڳولا ڪئ?? ۽ ??نهن جا سڙيل لاش هٿ ڪيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي ث??وت?? مان پتو پئجي ٿو ته متاثرن جي گاڏي دهشتگردن طرفان رستي ڪناري نصب ڪيل هڪ پراڻي بم سان ٽڪرائجي وئي هئي.
عراق ۾ رستي ڪناري ڌماڪي سبب 3 سياح مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ