لاهور-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪالهه فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مظلوم فلسطينين تي اسرائيلي ڏاڍ ۽ ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فلسطينين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ سيمينارز، تقريبون ۽ ريلين جو بندوبست ڪيو ويو. مقررن چيو ته مظلوم فلسطينين تي فسطائي قوتون جهڙيءَ طرح ظلم ڪري رهيون آهن، پوري پاڪستاني قوم فلسطين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ انهن سان گڏ آهي. مسلم اُمت کي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي. اسرائيلي ??هش??گرديءَ سب?? هاڻي تائين 42 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. اسرائيلي فورسز غزه ۾ هزارين ٽَن ڌ??اڪيدار مادو استعمال ڪ??و جڏهن ته اسرائيلي بمباريءَ سبب هڪ لک 50 هزار گهرن کي نقصان پهتو. مقررن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ڏاڍ سبب غزه جي هٿين خالي عوام کي خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسرائيلي ??هش??گردي سان سَوين ڊاڪٽر، صحافي ۽ وڪيل به شهيد ٿي چڪا آهن. هنن گڏيل قومن ۽ ٻين امن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني عوام تي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : بونانزا