اسلام ??باد – 19 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور اسلام ??باد ۾ ٿيو، ??يڊ??شنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) احمد نسيم وڙائچ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جڏهن ته قزاخستان پاران نائب پرڏيهي وزير علي بيڪ بڪائيف قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جو ??امع جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي لاڳاپن، بين الپارلياماني مٽاسٽا، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، رابطن، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، ثقافت ۽ سياحت شامل آهن. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان جو ??ظهار ڪندي ٻطرفي تعاون جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ سياحت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بشمول يوڪرين، افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha