اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي و??ير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته تع??يم?? نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ نه رڳو وقت جي ضرورت آهي، پر اسان جي ايندڙ نسلن جي ڪاميابي لاءِ بنيادي شرط به آهي. تختي ??ان ٽيڪنالاجي تائين جو سفر اسان جي تعليم جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هي سفر تيز رفتار ترقي طرف اشارو ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪو آرڊينيشن ڪميشن جي انتظام هيٺ منعقد ماڊل اسيسمنٽ فريم ورڪ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جو دور علم تي ٻڌل معيشت جو آهي، جتي ٽيڪنالاجي، تخليقي صلاحيتن ۽ جديد مهارتون نوجوانن لاءِ عالمي معيشت ۾ مقام حاصل ڪرڻ جو بنيادي عنصر آهي. اسان کي پنهنجي تع??يم?? نظام کي اهڙي نصاب ۽ تربيتي پروگرامن سان آراسته ڪرڻ گهرجي جيڪي شاگردن کي نه رڳو موجوده دور جي پر مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪن. ان مقصد لاءِ اسان کي انقلابي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت تعليم واري و??ارت نصاب ۽ امتحاني نظام جي سڌارن جا منصوبا ڏنا ويا، استادن جي تربيت ??ان سواءِ معياري تعليم جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، جلد ئي اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي ٽيچر ٽريننگ ادارو قائم ڪيو ويندو. امتحاني نظام ۾ سڌارن ??ان سواءِ تع??يم?? معيار بهتر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته قومي نصاب کي جديد گهرجن مطابق ڪرڻ تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، قومي نصاب ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي تع??يم?? ماهرن کي گهرائي جديد ٽيڪنالاجي مطابق تع??يم?? نصاب ٺاهيو ويندو جيڪو جديد دور جي گهرجن مطابق هجي، پاڪستان ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ انڊيڪس رپورٽ اسان جي تع??يم?? نظام جي ناڪامي جي عڪاس آهي، تع??يم?? ايمرجنسي نه لڳائي ته دنيا ??ان پوئتي رهجي وينداسين. ارڙهين ترميم ??ان پوءِ اسان اهو سوچيو ته صوبن وٽ هي شعبه وڃڻ ??ان پوءِ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي پر ايئن نه ٿيو. هن چيو ته فائيو ايز فريم ورڪ ۾ معياري تعليم جي فراهمي فائيو ايز جو هڪ اهم جزو اهي، ٻارن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي صلاحيت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، تع??يم?? بورڊز کي خوداحتسابي ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.
تعليمي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ڪاميابي لاءِ بنيادي شرط آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha