اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ا??تص??دي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ مالي استحڪام يقيني بنائڻ لاءِ ا??تص??دي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آ??ي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن. هن اها ڳالهه پا??ستان ۾ هالينڊ جي سفير هيني ڊي ويريز سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي امڪانن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پا??ستان هالينڊ وچ ۾ پُراڻي دوستي ۽ گڏيل سهڪار جي مختلف رُخن جو به جائزو ورتو ويو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار لاءِ کاڻين، آءِ ٽي، تيل ۽ گيس، زراعت، ڊيري فارمنگ ۽ زرعي پيداوار جهڙن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي ته جيئن انهن شعبن ۾ وڌيڪ ڪاروباري سهڪار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. ناڻي واري وزير هالينڊ جي سفير کي حڪومت جي ا??تص??دي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا بابت آگاهه ڪندي چيو ته ا??تص??دي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ مالي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ اهم شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. هن گذريل 14 مهينن ۾ حاصل ڪيل ا??تص??دي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو ۽ معيشت کي جٽادار، روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر جي رستي تي گامزن رکڻ جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير پا??ستان کي درپيش موسمياتي چئلينجن جو به ذڪر ڪيو ۽ سندس ملڪ طرفان موسمياتي فنڊنگ ۽ جٽادار حل ذريعي ماحولياتي مناسبت کي يقيني بنائڻ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هالينڊ جي سفير پا??ستان ۽ هالينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. هن ٻُڌايو ته ڊچ ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال جي شروعات ۾ پا??ستان جو دؤرو ڪرڻ واري آ??ي، جيڪا پا??ستان جي ڪرڪيٽ جي مهارت مان سکڻ جي ڪوشش ڪندي. هن ناڻي واري وزير کي پا??ستان جي يورپي يونين سان واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هالينڊ جي ح??ايت جو يقين ڏياريو.
اقتصادي ترقي ۽ مالي استحڪام يقيني بنائڻ لاءِ اقتصادي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون: محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná