اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينھن 24 آڪٽوبر تي ملھايو ويندو. اھو ڏينهن پوليو ويڪسين تيار ڪندڙ ڊاڪٽر جوناس سالڪ جي سالگره جي موقعي تي ملھايو ويندو آھي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) مطابق سڄي دنيا ۾ پوليو جي ڪيس?? ۾ 99.9 سيڪڙو گھٽت??ئي ٿي آھي. پوليو جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ا??تظ??م ھيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ عام ماڻھو کي پوليو جي بيماري، ت??فظ بابت آگاھي فراھم ڪرڻ سان گڏو گڏ ملڪ جي ڏورانھن ۽ ڏکين علائقن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پوليو ورڪرز جي ڪوششن کي خر??ج تحسين پڻ پيش ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں