اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي وزيراعظم ڪُهر ??سو?? زاده ٻطرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او، سي ايڇ جي جي سالياني اجلاس ۾ تاجڪستان جي فعال ۽ تعميري شرڪت کي ساراهيندي چيو ته بطور ڀائر ملڪن ۽ علائقائي حصيدار، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو ??ائيدار رشتو آهي. وزيراعظم هلندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي نتيجاخيز دوري جو ??ڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ طرف اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ ويجهي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاجڪ وزيراعظم ڪُهر ??سو?? زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئر جي حيثيت سان پاڪستان پاران اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ وفد ۽ ٻين شريڪ وفدن جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان پاران نيڪ خواهشن جو ??يغام پهچائيندي ڪوهر ??سو?? زاده چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت موجود آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ تاجڪستان، پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. تاجڪ وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جا تاجڪستان کي پاڪستان مان کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيندو.