اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين جي لاءِ فلسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان کي ساراهيو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام خاص طور تي ??زه ۾ جاري جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قابض فوج پار??ن عالمي قانونن ??ي واضح خلاف ورزي جي ڏس ۾ فلسطيني عوام ??ي وچ ۾ اتحاد انتهائي اه??يت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ??زه ۾ جاري غيرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجمان چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، انهن جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات