بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لو زائو هوئي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چين پاڪ??تا?? جي منفرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل فائدي سان هلندڙ عملي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته سي آءِ ڊي سي اي پاڪ??تا?? ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۽ صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چين پاڪ??تا?? اقتصادي لنگهه من??وبن ۽ پاڪ??تا?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته لوزائو هوئي توهان پاڪ??تا?? ۾ بطور سفير پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏنيون. هن چيو ته توهان نه رڳو پاڪ??تا?? ۾ چين جا سفير هئا پر توهان پاڪ??تا?? ۾ پاڪ??تا?? جا بهترين دوست پڻ هئا ۽ اهو جذبو اڃا به قائم آهي. وزيراعظم ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين چين پاڪ??تا?? جي منفرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي عملي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترقي ۽ سلامتي جي وچ ۾ گڏيل طور تي مضبوط لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين پاڪ??تا?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط علامت قرار ڏيندي هن چيو ته سي پيڪ تحت سماجي اقتصادي ترقي تي گڏيل ورڪنگ گروپ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. هن ان اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي طرفن جي عوام جي زندگين ۽ روزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي فيز ٽو ۾ تعاون جي اها رفتار برقرار رهندي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جون حڪومتون ۽ عوام قدرتي آفتن ۽ آفتن جي وقت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا ۽ 2022ع کانپوءِ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ پوليو ويڪسين جي فراهمي دوران پڻ اسرندڙ ملڪن ۽ خاص طور تي پاڪ??تا?? جي مدد ڪرڻ ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين مختلف شعبن ۾ چين پاڪ??تا?? تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن بنيادي ڍانچي جي ترقي، موسمياتي تبديلي جي ردعمل ۽ انساني وسيلن جي ترقي بشمول بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ) تحت جاري من??وبن ۾ ٻطرفي حصيداري کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، من??وبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری