اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران انساني ح??ن جي ح??الي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ کي مُڪمل طو?? تي رد ڪندي رپورٽ جي نقطن کي غيرمنصفاڻو، غلط معلومات تي ٻڌل ۽ زميني ح??يقت جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اهڙي قسم جي غيرمطلوب رپورٽس جي تياري جي سالياني مشقن ۾ معروضيت جي کوٽ آهي ۽ ان جي طريقيڪار ۾ فطري طو?? تي خاميون آهن. بيان موجب اهي رپورٽون ٻين ملڪن ۾ سياسي طو?? تي متعصباڻي انداز ۾ انساني ح??ن جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ ڊوميسٽڪ سوشل لينز جو استعمال ڪن ٿيون، هن سال جي رپورٽ ۾ معروضيت جي کوٽ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي انساني ح??ن جي ايجنڊا کي سياسي بڻائڻ نمايان آهي، اهو واضح طو?? تي ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ٿو اهڙي طرح عالمي انساني ح??ن جي ڳالهه ٻولهه کي نقصان پهچائي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ته سڄي دنيا ۾ انساني ح??ن جي صورتحال کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ رپورٽ ۾ غزه ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم ج??ين کي نظرانداز يا گهٽ ڪيو ويو آهي. بيان موجب غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال، انساني امداد کي هٿيار بڻائڻ ۽ 33 هزار کان وڌيڪ شهرين جي قتل عام کي رڳو سياسي طو?? تي محرڪ رپورٽ ئي نظرانداز ڪري سگهي ٿي، غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي آمريڪا جي خاموشي انساني ح??ن بابت نام نهاد ملڪ جي رپورٽن جي پٺيان بيان ڪيل مقصدن جي خلاف آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي آئيني فريم ورڪ ۽ جمهوري اخلاقيات موجب پنهنجي انساني ح??ن جي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائن، عالمي انساني ح??ن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي انساني ح??ن جي ڳالهه ٻولهه ۾ منصفاڻي ۽ معروضيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، جيڪڏهن آمريڪا کي ان مشق ۾ شامل ٿيڻ ضروري آهي، ته اسان آمريڪي پرڏيهي کاتي کان اها اميد ڪريون ٿا ته هو ڏکين مسئلن جو جائزو وٺڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏاهپ کان ڪم وٺي، اهڙين رپورٽن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ معروضيت، غ??رج??نبداري ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ان کي سمورين حالتن بابت سچ ڳالهائڻ جي لاءِ گهربل اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ انساني ح??ن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم ج??ين تي ظلمن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ح??ايت ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انساني حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ مُڪمل طور تي رد
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب