اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير ايمبيسڊر الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي جرمن چانسلر اولاف شولز جي مبارڪباد واري پيغام تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم واپاري وفد پاڪ??تا?? موڪلڻ جي قدم جي آجيان ڪئي ۽ جرمن سفير کي يقين ڏياريو ته وفد جي دوري جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن جرمن چانسلر کي جلد کان ??لد پاڪ??تا?? جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ??ني. جرمن سفير چيو ته جرمني ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوطي جي ل??ءِ پاڪ??تا?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج